برڪت علي چوهاڻ

برڪت علي چوهاڻ

برڪت علي چوهاڻ

برڪت علي چوهاڻ: برڪت علي چوهاڻ ولد حيدربخش چوهاڻ 20 اپريل 1938ع تي سيلاوٽ پاڙي حيدرآباد ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي گهران حاصل ڪئي. نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪيائين، ان کانپوءِ ڊي. اي. اي (سول) ۾ ٽيڪنيڪي سَند حاصل ڪيائين. 10 سپيٽمبر 1965ع تي شادي ڪيائين، جنهن مان هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ٿيس. سنڌي، انگريزي، اردو، ڍاٽڪي، جيسلميري، راجستاني، گجراتي ۽ پنجابي ٻولين جو وڏو ڄاڻو آهي. پنهنجي پيشي جي لحاظ سان هڪ سٺو انجنيئر آهي، هن سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن خصوصاً حيدرآباد کي پنهنجي ماهرانه صلاحيتن سان اڏاوت جي ميدان ۾ اسپتالن، اسڪولن، بنگلن ۽ ٻين رهائشي توڙي ڪمرشل جاين جا نقشا جوڙي، رونق بخشي آهي. ڪيترن ئي غير سرڪاري فلاحي ادارن سان به سندس تعلق رهيو آهي. هن جي ڪوششن سان صحافي ڪالوني ۽ لطيف آباد ۾ ٻارن لاءِ ”پلي پارڪ“ ۽ پاڪستان نئشنل سينٽر ۾ ٻارن لاءِ لائبرري قائم ڪئي وئي آهي. هي پنهنجي فلاحي مشن ۾ اڳڀرو ئي رهيو آهي. هن وقت صحافي ڪالوني حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي .


لفظ برڪت علي چوهاڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو